اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان بلوچستان جي ضلعي نوشڪي ۽ پنجگور ۾ فوجي ڪيمپن تي دهشتگردن جا حملا ناڪام ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي، پنهنجي ٽو??يٽ ۾ وز??راعظم چيو ته اسان بلوچستان جي علائقن پنجگور ۽ ن??شڪي ۾ قائم فوجي ڪيمپن تي دهشتگردن جا حملا ناڪام ڪندڙ پنهنجي فوجي جوانن کي سلام پيش ڪريون ٿا، سڄي قوم پنهنجي هٿيارب??د فوج جي پٺيان متحد بيٺل آهي، جيڪا اسان جي تحفظ ۽ دفاع جي لاءِ عظيم قربانيون پيش ڪري رهي آهي.