اسلام آباد – پهرين جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ??ه حڪومت ملڪ ۾ اقليتن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ سمورا قدم کڻي رهي ??هي، ڀارت جي ابتڙ پاڪستان ۾ اقليتن جي نمائندگي وڌيڪ آهي ۽ اقليتن کي وڌيڪ حق ڏنا ويا آهن. هن اها ڳالهه قومي اسيمبلي ۾ اقليتي ميمبر لال چند مالهي ??ي قيادت ۾ اقليتن جي وفد سان ڪراچي جي گورنر هائوس ۾ ملاقات دوران چئي. صدر چيو ته سنڌ صوبو مذهبي هم آهنگي ۽ برداشت جي حوالي سان ڊگهي ??اريخ جو امين آهي. هن چيو ته باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح سدائين ملڪ جي سمورن شهرين جي عقيدي ۽ مسلڪ کان مٿانهون هڪ جهڙن حقن جي ڳالهه ڪئي. هن چيو ته حڪومت ملڪ ۾ مذهبي سياحت جي فروغ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن، ٿرپا??ڪر?? عمرڪوٽ ۽ ٺٽي ۾ هندومت ۽ ٻڌمت جا تاريخي مذهبي آثار آهن ۽ انهن علائقن ۾ مذهبي سياحت کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر پاڪستان ??ي ترقي ۾ اقليتن جي ڪردار کي پڻ ساراهيو.