فيصل آباد – پهرين جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته هڪ مخصوص ٽولي پاران نواز شر??ف سان ڪنهن قسم جي ڊيل جو تاثر ڏنو پيو وڃي پر سڀني کي سمجهي ڇڏڻ گهرجي ته نواز شر??ف سان ڪا ڊيل نه ٿي رهي آهي، هو جڏهن به پاڪستان آيو ايئرپورٽ تي اڊيالا جيل جي قيدين واري وين کيس وٺڻ جي لاءِ موجود هوندي ڇو ته ڪرپشن ۽ ڦرلٽ ۽ چوري ۾ ورلڊ ڪپ کٽيندڙ جي جڳهه رڳو جيل آهي. فيصل آباد ۾ ??خت??ف ترقياتي منصوبن جي جائزي کانپوءِ گولڊ پام مارڪي نزد فورسيزن سمندري روڊ فيصل آباد تي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومت جي معاشي پاليسين تي تنقيد ڪندڙن کي سمجهي ڇڏڻ گهرجي ته گڏيل قومن سميت عالمي ادارن واضح چيو آهي ته پاڪستان ڪ??وي?? جي باوجود پنهنجي معاشي ۽ اقتصادي پاليسين جي ڪري نمبر ون تي اچي چڪو آهي جتي ڪ??وي?? دوران ڪاروباري مرڪز، بازارون، دڪانون، فيڪٽريون، تعليمي ادارا کليل رهيا، اهو ئي نه پر وزيراعظم عمران خان جي ڏورس سوچ ۽ حڪمت عملي خاص طور تي سمارٽ لاڪ ڊائون پاليسي کي پوري دنيا ساراهيو آهي جڏهن ته پاڪستان جي لاءِ خوشخبري آهي ته 31 ڊسمبر 2021ع ??ائ??ن 7 ڪروڙ ماڻهن جي ويڪسي نيشن جو جيڪو هدف مقرر ڪيو ويو هو انهي کي انتهائي ڪاميابي سان مڪمل ڪيو ويو آهي جنهن جي لاءِ اسد عمر، ڊاڪٽر فيصل سلطان، اين سي او سي، صحت کاتو، ڪورونا ويڪسين سينٽر جو عملو ۽ صحت جو فيلڊ اسٽاف خراج تحسين جو مستحق آهي.