اسلام آباد – 14 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري م??لڪتي وزير فرخ حبيب بلوچستان ۾ پاڪ ايران سرحد تي عبدوئي سيڪٽر جي چوڪي تي دهشتگردن جي حملي جي مذمت ڪئي آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته پاڪ فوج سرحدن جي سيڪيورٽي ??ي موثر بڻائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي، م??لڪتي وزير چيو ته ان واقعي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي لائنس نائيڪ جي بلند درجن لاءِ دعاڳو آهيون. فرخ حبيب چيو ته پاڪستان هر طرح جي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي، اسان جي فوج ۽ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن ??ي مٽي ۾ ملائي رهيا آهن.