اسلام آباد – 23 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته نوجوان پاڪستان جو مستقبل آهن، نوجوانن ک?? با??خت??ار بڻائڻ ۽ مقامي ۽ عالمي منڊين ۾ افرادي قوت جو حصو بڻائڻ لاءِ مختلف هنر سيکارڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. اها ڳا??هه هن پاڪستان تحريڪ انصاف يوٿ ونگ تعلقي ڊسڪه جي صدر افنان علي ساهي سان ملاقات دوران ڳا??هائيندي چئي. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جو ڪامياب جوان پروگرام نوجوان ??اروباري ماڻهن کي قرضن ۽ مهارت تي ٻڌل تربيت جي فراهمي لاءِ نمايان ??ردار ادا ڪري رهيو آهي، هن چيو ته معاشري جي پوئتي پيل طبقن جي مدد ۽ ملڪ جي خوشحال بڻائڻ لاءِ نوجوانن جو ڪردار اڻٽر آهي، ان موقعي تي پي ٽي آءِ يوٿ ونگ تعلقي ڊسڪه جي صدر نوجوانن ک?? با??خت??ار بڻائن ۽ کين مالي قرضن ۽ هنر جي ترقي جا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ حڪومت جي قدمن کي ساراهيو. افنان علي ساهي وفاقي وزير کي پي ٽي آءِ يوٿ ونگ ڊسڪه جي ڪنوينشن ۾ شرڪت جي دعوت ڏني جيڪا هن قبول ڪري ورتي.