اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ عدالت کان مٿانهون قتل، تشدد ۽ گرفتارين ج?? سلسلو جاري آهي، ڀارتي فورسز جي پيلٽ گنز سان ڪيترائي ڪشميري نوجوان نور کان محروم ٿي چڪا آهن، ڀارت پاران انساني حقن ج??ن خلاف ورزيون افسوسناڪ آهن، والاريل ڪشمير جا ماڻهو گڏيل قوم?? جي قراردادن موجب خودمختياري واري حق جو مطالبو ڪري رهيا آهن، هندو توا نظريي تحت والاريل ڪشمير جي ماڻهن کي آزادي جي جدوجهد جي سزا ڏني پئي وڃي، آبادي جي تناسب ۾ تبديلي جنيوا ڪنوينش?? جي کلي خلاف ورزي ۽ جنگي ڏوه?? جي برابر آهي، اسلامي تعاون تنظيم ۽ عالمي برادري والاريل ڪشمير ۽ فلسطين ۾ تاريخي ناانصافين ج?? نوٽيس وٺي. اهڙن خيالن ج?? اظهار هن ڊاڪٽر سعيد الغفلي جي قيادت ۾ اسلامي تعاون تنظيم جي آزاد ۽ مستقل انساني حقن واري ڪميش?? جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران وزيراعظم والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حق?? جي سنگين خلاف ورزين تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو جنهن ۾ گذريل 2 سالن دوران تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي، وزيراعظم وفد کي خاص طور تي 5 آگسٽ 2019ع کانپوءِ جڏهن کان ڀارت والاريل ڪشمير ۾ غير قانوني ۽ هڪطرفا قدم کنيا ??هن والاريل ڪشمير جي ماڻه?? جي مشڪلاتن ۽ مصيبتن ۾ اضافي جي حوالي سان آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام خودمختياري واري حق جو مطالبو ڪري رهي آهي جنهن ج?? گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تحت ساڻس واعد ڪيو ويو آهي. هن چيو ته والاريل ڪشمير جي عوام کي عدالت کان مٿانهين قتل، ماڻهن کي حراست ۾ رکڻ، تشدد جو نشانو بڻائڻ ۽ ماڻهن کي زخمي ۽ اپاهج بڻائڻ جهڙا ظلم درپيش آهن، پيلٽ گنز جي انڌاڌنڌ استعمال جي ڪري ڪشميري نوجوانن ج?? وڏو تعداد نور کان محروم ٿي ويو آهي تنهن هوندي به ظلم ۽ ڏاڍ جي هر حربو استعمال ڪرڻ جي باوجود ڀارت ڪشميري عوام جي جذبي کي دٻائي نه سگهيو. وزيراعظم چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۽ فلسطي?? جي صورتحال تاريخ جي تمام وڏي ناانصافي آهي ۽ او آءِ سي ۽ دنيا کي حالتن کي درست ڪرڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ڀارتي حڪومت جي هندو توا نظريي جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته ڀارتي قبضي ۽ ڏاڍ کان آزادي جي مطالبي تان هٿ کڻائڻ لاءِ ڪشميري مسلمانن کي نشانو بڻايو پيو وڃي، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي خودمختياري واري حق سان گڏوگڏ مذهبي آزادي کان به محروم رکيو ويو آهي ۽ کين والاريل علائقي ۾ آبادي جي تناسب ۾ تبديلي جي ڪري پنهنجي اڪثريت ۽ شناخت وڃائڻ جو به خدشو آهي ۽ اهو ڀارتي قدم چوٿين ج??يوا ڪنوينش?? جي خلاف ورزي ۽ جنگي ڏوه?? جي برابر آهي، وزيراعظم او آءِ سي جي آزاد مستقل انساني حقن واري ڪميشن پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت پاران منظم ۽ وڏي پئماني تي انساني حق?? جي خلاف ورزين کي اجاگر ڪرڻ تي ا?? جي واکاڻ ڪئي. هن چيو ته هڪ آزاد اداري جي طور تي ڪميشن جا خيال موجوده زميني حقيقتن موجب آهن. والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام ا?? جي حالت کي محسوس ڪرڻ ۽ او آءِ سي ۽ عالمي برادري جو ڌيان ان طرف ڇڪرائڻ تي ڪميشن جا ٿورائتا آهيون. وزيراعظم 5 آگسٽ 2019ع کان ڀارت پاران ڪيل سمورا هڪ طرفا ۽ غير قانوني قدم واپس وٺڻ ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن ج??ن خلاف ورزيون فوري بند ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم وڌندڙ اسلامو فوبيا جو به ذڪر ڪيو ۽ مسلمان امت تي زور ڏنو ته هو ا?? جي مقابلي لاءِ اجتماعي ڪوششون ڪري، 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي غير قانوني ۽ هڪطرفي قدمن کي ٻه سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي ڪميش?? جي وفد جي وزيراعظم عمران خان سان ملاقات انتهائي اهميت رکندڙ آهي ۽ وفد جي ان ڏينه?? جي موقعي تي پاڪستان ۾ موجودگي سان ڪشميري?? جي منصفاڻي موقف جي ڀرپور حمايت جي عڪاسي ٿئي ٿي، ڪميشن ج?? وفد والاريل ڪشمير ۾ انساني حق?? جي بگڙجندڙ صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ او آءِ سي جي پرڏيهي وزير?? جي ڪائونسل جي فيصلي جي روشني ۾ اسلام آباد ۽ آزاد ڪشمير جو دورو ڪري رهيو آهي، ڪميشن هڪ جامع طريقڪار جوڙيو آهي جنهن تحت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حق?? جي سنگين صورتحال جي باقاعدگي سان نگراني سان گڏوگڏ رپورٽون به جوڙيون وينديون