اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي انساني معاشري جي بهتري لاءِ تعليم سان ??ربيت جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته علم سان گڏوگڏ معاشري جو درد محسوس ڪرڻ ۽ انڪساري به ضروري آهي، سڄي دنيا ۾ علم تي ٻڌل معيشت جو دور اچي رهيو آهي، ملڪ ۾ معاشي سرگرمي?? کي فروغ ملي رهيو آهي، نالج اڪانومي جي بنياد تي ملڪ تيزي سان ??رقي ڪندو، معاشري مان ??دعنواني جو خاتمو اڻٽر آهي. هو ايوان ??در ۾ غلام اسحاق خان ??نسٽيٽيوٽ جي 25 هين ڪانووڪيشن جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي غلام اسحاق خان ??نسٽيٽيوٽ جي ريڪٽر امين الله خان، اي ڊي شڪيل دراني ۽ پروفيسر وسيم احمد خان ??ه خطاب ڪيو. صدر چيو ته گريجوئيٽ ٿيندڙ شاگردن، سندن والدين ۽ استاد?? کي به مبارڪباد ڏيان ٿو ڇو ته ان ڪاميابي ۾ انهن سڀني جو ڪردار رهيو آهي. هن چيو ته علم جي ڪا به حد نه آهي، نوجوان?? کي ان ??ستي تي هلندي وڌيڪ علم جي جستجو جاري رکڻ گهرجي. صدر چيو ته دنيا وڏي تيزي سان ??رقي ڪري رهي آهي، ان ميدان ۾ اڳتي وڌڻ جي لاءِ علم سان گڏوگڏ سٺي اخلاق، انساني همدردي ۽ انڪساري اختيار ڪرڻ به ضروري آهي. صدر چيو ته اڄ دنيا ۾ علم جي گهڻائي آهي، چوٿون صنعتي انقلاب وڏي تيزي سان ??ونما ٿيڻ وڃي رهيو آهي، اهڙي ۾ پاڪستا?? کي تيار رهڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسا?? کي تيزي سان ??دلجندڙ دنيا ۾ مقابلي جي لاءِ ذهانت کي فروغ ڏيڻو پوندو، هاڻي صرف قدرتي وسيلن جي بنياد تي ڊگهي ترقي ممڪن نه آهي پر ان ??ي لاءِ ذهانت ۽ فڪر کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي، ان ميدان ۾ پاڪستان مقام پيدا ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ان مقصد جي لاءِ معاشري جي هر طبقي کي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ڊاڪٽر عارف علوي ڪفايت شعاري جي فروغ، بدعنواني جي خاتمي ۽ وقت س?? درست فيصلن جي اهميت تي زور ڏيندي ان ??والي سان موجوده حڪومت جي قدم?? کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته ڪورونا وبا جي دوران وزيراعظم جي انساني همدردي تي ٻڌل سمارٽ حڪمت عملي تحت ملڪ کي ڪاميابي حاصل ٿي. صدر تعليمي ا??ار?? تي زور ڏنو ته هو تيزي سان ??دلجندڙ رجحان?? کي نظر ۾ رکندي آن لائين تعليم جهڙا طريقا اختيار ڪرڻ تي ڌيان ڏي ته جئين وڌ کان وڌ آبادي کي معياري تعليم تائين پهچ آسان ٿي سگهي. صدر مملڪت غلام اسحاق خان ??نسٽيٽيوٽ جي ملڪ ۾ تعليم جي فروغ جي لاءِ ڪردار کي ساراهيو. ان موقعي تي ريڪٽر غلام اسحاق خان ??نسٽيٽيوٽ امين الله خان ۽ ٻين ايوان ??در ۾ ڪانووڪيشن تقريب جي ميزباني ڪرڻ تي صدر جو ٿورو ادا ڪيو. هن ا??ار?? جي ڪارڪردگي ۽ نمايان ڪاميابي?? کي اجاگر ڪندي ٻڌايو ته غلام اسحاق خان ??نسٽيٽيوٽ بهترين انجنيئرز ۽ سائنسدان ??يار ڪرڻ جي تاريخ رکي ٿو، هن چيو ته مصنوعي ذهانت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ٻين شعبن جي اهميت جي پيش نظر جديد علم ۾ پروگرام متعارف ڪرايا ويا آهن. هن نوجوانن جي تعليم ۽ تربيت جي لاءِ موجوده حڪومت پاران کنيل قدمن جي واکاڻ ڪئي. تقريب ۾ صدر مختلف شعبن ۾ گريجوئيشن ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ سندن سان گڏوگڏ نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙن ۾ ميڊلز به ورهايا.