اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان ??يو آهي ته دنيا جي امير ترين ملڪن گوبل وارمنگ جي مقابلي لاءِ مناسب قدم ناهن کنيا، پاڪستان ??رمي پد ۾ گهٽتائي جي حوالي سان دنيا جي ڪنهن به ٻي ملڪ جي مقابلي ۾ وڌيڪ ڪم ڪيو آهي. ڇنڇر 5 جون 2021ع تي ملهايو ويندڙ گڏيل قومن جي ”ماحوليات جي سالياني عالمي ڏينهن“ جي ميزباني پاڪستان ??ري رهيو آهي، تازن سالن ۾ پاڪستان موسمياتي تبديلين ۽ شديد ٻوڏن سبب وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي، جنهن جي ڪري لکين ماڻهن کي لڏپلاڻ ڪرڻي پوندي آهي جڏهن ته ??وڏ سبب زرعي زمين به شديد متاثر ٿيندي آهي، برطانوي خابرو اداري رائٽرز سان ??الهائيندي وزيرا??ظم عمران خان سوال ڪيو ته ڇا ترقي يافته دنيا ان حوالي سان مناسب ڪم ڪيو آهي؟ جنهن جو جواب نفي ۾ آهي، هن چيو ته ??احول دشمن گيسز جو وڌيڪ اخراج ترقي يافته ??لڪن ۾ آهي ۽ آئون سمجهان ٿو ته انهن گئسن جي اخراج کي روڪڻ لاءِ مناسب قدم ناهن کنيا ويا، وزيرا??ظم عمران خان ??يو ته ??لندڙ سال ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي گڏيل قومن جي ايڪو سسٽم جي بحالي جي ڏهاڪي جو آغاز ڪيو پيو وڃي. هن ايڪو سسٽم کي پهچندڙ نقصان جي خاتمي ۽ ان جي بحالي لاءِ تيز ترين قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيرا??ظم عمران خان جي قيادت ۾ پاڪستان ۾ بحالي جا ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن جنهن ۾ 10 ارب وڻ لڳائڻ جو منصوبو به شامل آهي ان سلسلي ۾ هلندڙ هفتي جي دوران وزيرا??ظم ان مهم تحت اربين وڻ لڳايا آهن