اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سين??ٽر شبلي فراز سان ڪيوبا جي سفير گيبريل ٽيل ڪيپوٽ الوداعي ملاقات ڪئي جنهن ۾ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سين??ٽر شبلي فراز ثقافت جي شعبي ۾ تعاون تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان عظيم ۽ گهڻ رخي ثقافتي ورثي جو امين آه??، ثقافت ۽ ميڊيا جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون مددگار ثابت ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان ۽ ڪيوبا جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپا قائم آه??.