اسلام آباد – 08 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ بي گهر غريب ماڻهن جي لاءِ 50 لک گهرن جي تعمير جي هڪ ٻئي وڏي من??وب?? کي مڪمل ڪرڻ تي زبردست پذيرائي حاصل ڪئي ??هي. هو پنهنجي هم عصر ماڻهن ۾ هڪ اهڙي خواب کي عملي شڪل ڏيڻ جي لاءِ اڳتي وڌيو جنهن بابت سندس مخالف رڳو سوچي سگهندا هئا. ملڪ ۾ بلڊر ڪميونٽي نئين پاڪستان هائوسنگ پروگرام کي ڪامياب بڻائڻ جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ تي وزيراعظم عمران خان جي ڪردار کي ساراهيو ??هي. وزيراعظم جي ٻن سالن دوران اڻٿڪ ڪوششن جي نتيجي ۾ اهو پروگرام هاڻي تيار آهي ۽ بلڊرن 50 لک گهرن جي تعمير جي حوالي سان حڪومتي ڪوششن ۾ هٿ ونڊائڻ جي لاءِ هڪ بهترين پليٽ فارم مهيا ڪرڻ تي خوشي جو اظهار ۽ وزيراعظم جي ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪيو ??هي. وزيراعظم جي صدارت ۾ ٿيندڙ ڪيترن ئي اجلاسن ۾ ان من??وب?? تي تفصيلي غور فڪر ڪيو ويو ۽ سندس پختي عزم جي ڪري اهو خواب هڪ حقيقت بڻجي چڪو ??هي. سندس ڪوششن جي ڪري بلڊر ڪميونٽي ان اميد سان پروگرام کي ساراهيو ته 50 لک گهرن جي تعمير جو هدف عمل جوڳو ??هي.
ايسوسيئيشن آف بلڊرز اينڊ ڊويلپرز آف پاڪستان (آباد) جي چيئرمين محسن شيخاڻي چيو ته حڪومت پاران هائوسنگ جي شعبي کي مراعتن جي آڇ سان 50 لک گهرن جي تعمير جو هدف حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي ۽ ڏيڍ ڪروڙ ماڻهن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. مراعاتي پئڪيج جي آجيان ڪندي هن چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت هائوسنگ جي شعبي کي ملڪ جي 70 سالا تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ صنعت جو درجو ڏنو ??هي. هن چيو ته جيڪڏهن شروعاتي طور تي حڪومت 10 لک گهرن جي تعمير شروع ڪري ٿي ته ان سان 25 لک ماڻهن جي لاءِ روزگار پيدا ٿيندو ۽ 40 کان 72 لاڳاپيل صنعتون بحال ٿينديون. اهو پئڪيج تعميراتي صنعت جي لاءِ ڪارائتو ??هي. هن چيو ته ڪورونا وبا سان سڄي دنيا ۾ اقتصادي ترقي ۾ سستي ڏٺي وئي پر اميد آهي ته هن پراجيڪٽ تي تيزي سان اڳڀرائي اقتصادي ترقي کي فروغ ڏيندي. تعميراتي صنعت اسان جي معيشت ۾ مرڪزي حيثيت رکي ٿي ۽ ان جي فروغ سان هائوسنگ يونٽن جي کوٽ تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي جنهن جي نتيجي ۾ لاڳاپيل صنعتون ترقي ڪنديون ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا.
نئون پاڪستان هائوسنگ اينڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر ان اميد جو اظهار ڪيو ته دستاويزي عمل کي آسان بڻائڻ ۽ ڪاروباري آسانين کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ٻين قدمن وسيلي هائوسنگ ۽ تعميراتي صنعت ۾ وڌيڪ سيڙپڪارن کي راغب ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته 31 ڊسمبر تائين هائوسنگ ۽ تعميراتي صنعت ۾ سيڙپڪاري ڪندڙ سيڙپڪارن کان انهن جي آمدني جا ذريعا نه پڇيا ويندا. ان کان اڳ بلڊرز ۽ ڊويلپرز جي لاءِ منظوري وٺڻ مشڪل هو پر هاڻي حڪومت هائوسنگ ۽ تعميراتي شعبي جي سهولت لاءِ منظوري جي طريقيڪار کي آسان بڻائي ڇڏيو ??هي. هن مختلف صنعتن جي فائدي، مجموعي اقتصادي سرگرمي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ تعميراتي صنعت کي مراعتون ڏيڻ جي حڪومتي ويزن جو پڻ حوالو ڏنو. حڪومت جي خواهش آهي ته بلڊرز ۽ ڊويلپرز ان پئڪيج مان ڀرپور فائدو کڻن ۽ 31 ڊسمبر 2020ع کان اڳ پنهنجا منصوبا شروع ڪن.
هڪ اقتصادي ماهر ۽ پائيدار ترقي بابت پاليسي جي اداري (ايس ڊي پي آءِ) جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر عابد قيوم سلهري تعميراتي شعبي کي مستقبل جي محرڪ قوت طور ڏسي رهيو ??هي. هن تعميراتي صنعت جي لاءِ مراعتن کي ساراهيو جنهن سان آخرڪار غريب عوام کي فائدو ٿيندو. بلڊرز ۽ ريئل اسٽيٽ ايجنٽن پڻ ان پئڪيج کي تعميراتي شعبي جي بحالي لاءِ هڪ وڏو قدم قرار ڏنو آهي ۽ اميد ظاهر ڪئي آهي ته حڪومتي مراعتن سان ملڪي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن جو اعتماد يقيني طور تي بحال ٿيندو.
ان حڪومتي قدم تي تبصرو ڪندي هڪ ناليواري پراپرٽي ڊويلپر ۽ ڪاروباري شخصيت اعجاز گوهر چيو ته گهٽ وياج جي شرح تي گهرن جي تعمير جي لاءِ هي پهريون من??وب?? آهي جيڪو هيٺئين ۽ وچين طبقي جي لاءِ تيار ڪيو ويو ??هي. ڪمرشل بئنڪون تعميراتي سرگرمين جي لاءِ پنهنجي پورٽ فوليو جو 5 سيڪڙو مختص ڪنديون. هن چيو ته غيررسمي غير رجسٽرڊ معيشت ۾ 20 ٽريلين رپيا گردش ڪري رهيا آهن ۽ هاڻي ماڻهن وٽ 31 ڊسمبر 2020ع تائين ريئل اسٽيٽ شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪري وڏي رقم کي ظاهر ڪرڻ جو هڪ موقعو ??هي. هاڻي گهٽ آمدني وارا غريب ماڻهو 5 سيڪڙو مورگيج فنانسنگ جي سهولت سان 5 مرلا جو گهر تعمير ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته مورگيج فنانس جي شروعات 82 سال اڳ آمريڪا ۾ ٿي هئي جنهن سان ان جي معيشت بحال ٿيڻ شروع ٿي ۽ پاڪستان هوم مورگيج فنانسنگ جي حوالي سان ترقي يافته ملڪن جي مقابلي ۾ تمام گهڻو پٺتي هو. خصوصي پئڪيج جي اعلان کانپوءِ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان بئنڪن جي لاءِ مورگيج قرضن ۾ توسيع ۽ ڊويلپرز ۽ بلڊرز جي لاءِ ف??انسنگ جو لازمي هدف مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.