اسلام آباد – 03 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان صنعتن جي لاءِ وڏي رليف پيڪيج تحت انهن کي سستي ب??لي فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پهرين نومبر کان ننڍن ۽ وچولي درجي جي صنعتن کي اضافي ب??لي تي 50 سيڪڙو ۽ وڏين صنعتن کي 25 سيڪڙو رعايتي ملندي، ماضي ۾ مهانگي ب??لي ٺاهڻ جا معاهدا ڪيا ويا جنهن جي ڪري صنعتن کي مهانگي ب??لي فراهم ڪئي پئي وڃي ان پيڪيج سان ملڪ ۾ صنعتن کي فروغ ملندو. روزگار جا موقعا پ??دا ٿيندا ۽ معيشت ترقي ڪندي، ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي وبا ج?? شدت ۾ تيزي اچي رهي آهي، شهري عوامي جاين تي ماسڪ جو استعمال يقيني بڻائين، ڪورونا وائرس جي وبا جي ٻي مرحلي جي تناظر ۾ ڪاروبار ۽ صنعتون بند نه ڪنداسين. اها ڳالهه هن صنعتن جي لاءِ وڏي رليف پيڪيج جو اعلان ڪندي ڪئي.