اسلام آباد – 17 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان فوج خلاف ??الهائڻ تي نواز شر??ف کي هر صورت ۾ واپس آڻڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ان گدڙ کي هاڻي ڪا وي آءِ پي جيل نه ملندي کيس عام قيدين وانگر رکيو ويندو، گوجرانوالا ۾ سرڪس جي اداڪارن کي واضح چوان ٿو ته هاڻي انهن کي نه ڇڏيندس. ڪنوينشن سينٽر ۾ ٽائيگر فورس پورٽل جي افتتاح جي موقعي تي ملڪ جي مختلف علائقن مان آيل ٽائيگرز کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪنهن به ??ضا??ار فورس جو معاشري ۾ هڪ تمام وڏو مقام هوندو آهي، ??ضا??ارن جو سڀ ??ان وڏو ڪم شهرين جي ضرورتن ۽ حقن جي حفاظت ڪرڻ هوندو آهي ۽ جمهوريت ۾ ان کي هڪ منفرد مقام حاصل آهي، جڏهن ڪنهن معاشري ۾ مشڪلاتون اچن ٿيون ته زندهه معاشري جا شهري ??ضا??اراڻي طور تي حڪومت جي مدد ڪن ٿا، پاڪستاني قوم تي به جڏهن ڪو مشڪل وقت آيو پوري قوم پنهنجي ملڪ جي لاءِ بيٺل رهي، 28 مارچ ??ان ٽائيگر فورس جي قائم ٿيڻ ??ان هيستائين جيتريون به سرگرميون ان فورس ڪيون انهن تي پوري قوم پاران ٿورا مڃان ٿو ۽ ڀليڪار چوان ٿو.