اسلام آباد – 09 جولاءِ (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان قوم کي عيدالاضحيٰ سادگي سان ملهائڻ جي اپيل ڪندي ان موقعي تي ايس او پيز تي عملدرآمد تي زورڏنو آهي. عيدالاضحيٰ تي لاپرواهي سان ڪورونا پکڙجڻ جو خدشو آهي، اسان انهن ملڪن ۾ شامل آهيون جتي ڪورونا جي وبا جي شدت گهٽ ٿي رهي آهي، جيڪڏهن اسان احتياط ڪنداسين ته دنيا جي مقابلي ۾ ان مشڪل صورتحال ۾ بهتر انداز سان نڪرنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي گادي ??ار?? شهر ۾ آئسوليشن اسپتال ۽ وبائي م??ضن جي علاج جي جديد مرڪز جي افتتاح جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي منصوبابندي ??ار?? وفاقي وزير اسد عمر، اطلاعات ۽ نشريات ??ار?? وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، چين جو پاڪستان ۾ مقرر سفير ۽ اعليٰ عملدار به موجود هئا. و??ير??عظم عمران خان چيو ته ڪورونا وبا ۽ لاڪ ڊائون جي م??ڪل صورتحال جي باوجود ٿوري م??ي ۾ جديد اسپتال ٺاهڻ تي اين ڊي ايم اي کي پوري قوم طرفان خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، ان اسپتال ۾ بيڊ??، عملي سميت سموريون جديد سهولتون موجود آهن.