اسلام آباد – 16 جون (اي پي پي) قومي اس??مبلي جي اس??يڪر اسد قيصر انب جي ايڪسپورٽرز کي درپيش مسئلن کي حل ڪرڻ جي حوالي سان گهرو وزارت جي غير تسلي بخش جواب تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي وزارت کي هدايت ڪئي ته 24 ڪلاڪن جي اندر اهو مسئلو حل ڪري کيس رپورٽ پيش ڪئي وڃي. قومي اس??مبلي جي اس??يڪر جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ وفاقي وزير سميت مخالف ڌر جا ميمبر به شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ بارڊر تي انب ايڪسپورٽرز کي درپيش مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ ??عليٰ عملدارن به شرڪت ڪئي. اس??يڪر چيو ته انب جي روانگي و??پا?? تي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ گهرو وزارت جو جواب تسلي بخش نه آهي، اس??يڪر ان تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ هدايت ڪئي ته 24 ڪلاڪن ۾ مسئلن کي حل ڪري جواب ڏنو وڃي، اس??يڪر چيو ته انب جي روانگي و??پا?? لاءِ وقت سر فيصلو نه ڪيو ويو ته ملڪ جو نقصان ٿيندو، ??ذر??ل 6 سالن کان پاڪستان جو روانگي و??پا?? گهٽ ٿي رهيو آهي، ايڪسپورٽرز چيو ته حڪومت اسان سان تعاون ڪري، اسان کي انب ٻاهر موڪلڻ ۾ مشڪلاتون درپيش آهن، اسان پوري دنيا ۾ انب ايڪسپورٽ ڪري رهيا آهيون، پي آءِ ??ي جي ذريعي انب جي ايڪسپورٽ وڌائڻ جي لاءِ ??گهن ۾ رعايت ڏيڻ جي ضرورت آهي.