اسلام آباد – 30 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ??ئي آهي ته سڄي ملڪ ۾ ضرورت جي بنيادي شين جي دس??يابي تي خاص نظر رکي وڃي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ اٽي، دالين، چانور، گيهه ۽ کنڊ وغيره جهڙين ضرورت جي بنيادي شين جي کوٽ نه ٿئي، وفاقي ۽ صوبائي لاڳاپيل عملدارن تي ٻڌل خاص ڪميٽي قائم ??ئي وڃي جيڪا خوراڪ جي حو??لي سان صورتحال جو روزاني جي بنياد تي جائزو وٺي ۽ سفارشون پيش ڪري. وزيراعظم عمران خان ڪرونا وائرس جي چئلينج جي ڏس ۾ مختلف شعبن ۾ کنيل قدمن خاص طور تي صنعت ۽ واپار، تعميرات، توانائي ۽ خاص طور تي هن مشڪ?? صورتحال ۾ غربت جو شڪار ماڻهن کي رليف ڏيڻ جي حو??لي سان کنيل قدمن تي اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي.