اسلام آباد – 07 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان بي سهارا، غريب ۽ لاچار ماڻهو رياست جي ذميواري آهن ق??ار ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته سڄي ملڪ ۾ پناهگاهون قائم ڪرڻ جي لاءِ ٺوس پروگرام جوڙيو و??ي. ??زيراعظم عمران خان س??ن تازو ئي مقرر ڪيل وزيراعظم جي پناهگاهن بابت فوڪل پرسن نسيم الرحمان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم جي ويزن تحت سڄي ملڪ ۾ قائم ڪيل پناهگاهن جي نظم ۽ ضبط ۾ وڌيڪ بهتري ۽ ايندڙ 12 مهينن ۾ پناهگاهن جي دائري جي سڄي ملڪ ۾ توسيع جي حوالي سان تجويز ڪيل قدمن تي ڳاله?? ٻولهه ڪئي وئي.