اسلام آباد – 30 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان وفا??ي گادي واري شهر ۾ امن ام??ن جي صورتحال ۾ بهتري جي حوصلا افزائي ڪندي چيو آهي ته اسلام آباد هر لحاظ کان هڪ ماڊل سٽي هجڻ گهرجي، ڪمزور طبقي جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ وڏن ڏوهاري پيشي عنصرن ۽ مافيا جي خلاف وڌيڪ گهيرو تنگ ڪيو وڃي، سي ڊي اي ۾ سڌارن جو بنيادي مقصد عوام کي بهترين شهري سهولتن جي فراهمي سان گڏوگڏ معاشي ۽ اقتصادي عمل ۾ نمايان اضافو هجڻ گهرجي ته جيئن روز??ار جا موقعا فراهم ٿين ۽ ماڻهن جي زندگي جو معيار ب??تر ٿي سگهي. اهڙن خيالن ??و اظهار هن وفا??ي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ امن ام??ن جي صورتحال، ترقياتي معاملن ۽ شهرين کي بهترين شهري سهولتن جي فراهمي جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.