ڊيووس – 22 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ آمريڪا سان گڏجي ڪم ڪري رهيو آهي، افغانستان ۾ امن سان وچ ايشيائي رياستن تائين رسائي ممڪن هوندي، سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرائڻ لاءِ سرگرم ڪردار ادا ڪيو آهي، حڪومت معيشت کي مضبوط ب??ائ?? ۽ سڌي سنئين سيڙپڪاري ۾ اضافي جي حڪمت عملي تي عمل پيرا آهي، اسان ڪرنسي کي مستحڪم ڪيو ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ 75 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي، غير ملڪي سيڙپڪ??رن کي پرڪشش مراعتون ڏنيون پيون وڃن، پ??ڪستان جي سرزمين ڪيترين ئي قديم تهذيبن جو ڳڙهه آهي، سياحت کي فروغ ڏئي ملڪي معيشت کي ترقي ڏئي سگهجي ٿي، پ??ڪستاني قوم دهشتگردي جي خلا?? جنگ ۾ 70 هزار جانين جو نذرانو پيش ڪيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي اقتصادي فورم جي موقعي تي پاڪستان اسٽريٽجي ڊائلاگ کي خطاب ڪندي ڪيو.