پئرس/گڏيل قومون-27 سيپٽمبر (اي پي پي) فر??نس ايندڙ سال منعقد ٿيندڙ پئرس اولمپڪس دوران عورت رانديگرن کي حجاب پائڻ کان روڪي ڇڏيو، ٻي طرف گڏيل قومن سيڪيولرازم جي نالي تي فر??نس طرفان اولمپڪ راندين دوران فر??نس جي رانديگرن کي حجاب پائڻ کان روڪڻ جي جواب ۾ عورتن تي لباس ??و ضابطه اخلاق مڙهڻ يا ان تي پابندي لاڳو ڪرڻ جي اصولي مخالفت جي تجديد ڪئي آهي. انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر جي ترجمان مارٽا هرٽاڊو هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته عام طور تي انساني حقن جي هاءِ ڪمشنر جي آفيس جو خيال ??هي ته ڪنهن کي به عورتن کي اهو حق نه ڏيڻ گهرجي ته کيس ڇا پائڻ گهرجي يا ڇا پائڻ نه گهرجي. هن ياد ڏياريو ته عورتن خلاف هر قسم جي امتيازي سلوڪ جي خاتمي بابت ڪنوينشن سمورين ڌرين کي ان معاملي تي فر??نس کي ڪمتري يا برتري جي خيال جي بيناد تي ڪنهن به سماجي يا ثقافتي ماڊل ۾ ترميم ڪرڻ لاءِ ضروري مناسب قدم کڻڻ جو پابند ڪري ٿو. هن زور ڀريو ته هي امتيازي طرز عمل نقصانڪار نتيجن وارو ٿي سگهي ٿو، اهو ئي سبب ??هي ته عالمي انساني حقن جي معيار موجب مذهبن يا عقيدن جي اظهار تي پابندين جهڙوڪ لباس ??ي چ??نڊ، صرف انتهائي مخصوص حالتن ۾ قبول جوڳو آهي، هن اها ڳالهه فر??نس جي راندين واري وزير ايميلي اوڊيا ڪاسٽيرا جي تازي بيانن جي جواب ۾ چئي. واضح رهي ته فر??نس جي وزير ٻه ڏينهن اڳ ملڪي چئنل فر??نس 3 تي وضاحت ڪئي ته حڪومت هڪ سخت سيڪيولر نظام لاءِ پرعزم آهي، جنهن جو سختي سان راندين جي ميدان ۾ لاڳو ٿئي ٿو، ان جو مطلب ??هي ته ڪنهن به قسم جي تبليغ تي پابندي لڳائي وڃي، هي عوامي خدمت لاءِ مڪمل غير جانبداري جو مطلب ??هي ا?? لاءِ جيڪي ماڻهو اسان جي وفدن جي نمائندگي ڪن ٿا اسان جي فر??نس جي ٽيمن ۾ ححاب نٿا پائي سگهن. فر??نس جي وزير تسليم ڪيو ته عالمي اولمپڪ ڪميٽي حجاب پائڻ کي مذهبي عنصر طور تي نه پر هڪ ثقافتي عنصر طور تي سمجهڻ تي ٻڌل منطق جي طور تي ڏسي ٿي.