اسلام آباد – 05 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين دينه ۾ لاهور جي نجي اسڪول ??ي ٽرپ ڪوسٽر کي پيش ايندڙ حادثي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن ??يو ته معصوم ٻارن سان پيش ايندڙ واقعو افسوسناڪ آهي، حادثي ۾ فوت ٿيندڙ ٽ??چر ۽ شاگردن جي پونئيرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. اطلاعات واري وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ حادثي ۾ فوت ٿيندڙن جا درجا بلند ?? پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي. هن حادثي ۾ زخمين جي جلد صحتيابي جي پڻ دعا ڪئي.