اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير خسرو بختيار ملاقات ڪئي ۽ ملڪ ۾ ڀاڻ جي پيداوار جي صلاحيت تي تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم آفيس مان جاري بيان موجب ملاقات دوران وزيراعظ?? کي وزارت پاران وڏي پئماني تي صنعت ?? برآمدي صنعت جي سهولت لاءِ کنيل قدمن تي به بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي وزيراعظ?? کي ڏکڻ پنجاب ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي ۽ آبادگارن جي لاءِ کنيل حڪومتي قدمن جي مثبت اثرن کان به آگاهه ڪيو ويو.