اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته نواز شريف ته پاڻ ڪرپشن تي سزا جي ڪري جيل جي خوف کان ملڪ ک??ن ٻاهر لڪل آهي، ان و??ت عوام جو خيال نه آيو ۽ هاڻي واڳون وارا ڳوڙها ڳاڙهي رهيا آهيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب مريم صفدر جي ٽوئيٽ تي ردعمل ڏيندي ڪيو. هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چ??و ته بيماري جو ڪوڙو بهانو بڻائي نواز شريف لنڊن ۾ ڀڳوڙو بڻجي ويٺل آهي، توهان جي پنهنجي قول فعل ۾ تڪرار آهي. مملڪتي وزير چ??و ته عوام جي وات مان گرهه کسي، ڦرلٽ ۽ مني لانڊرنگ ڪري ٻاهرئين ملڪ ملڪيتون ٺاهيندا رهيا آهيو. هن چ??و ته ماڊل ٽائون ۾ عورتن جي وات ۾ گوليون هڻي شهيد ڪندا رهيا آهيو. فرخ حبيب چ??و ته ان و??ت عوام جو خيال نه آيو ۽ هاڻي واڳو وارا ڳوڙها ڳاڙهي رهيا آهيو.