اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سيني??ر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان ۾ لوٽا ڪريسي جو خالق مريم صفدر جو والد محمد نواز شريف آهي، گلگت بلتستان جي عوام پاران پي ٽي آءِ جي پذيرائي مان ثابت ٿي چ??و آهي ته گلگت بلتستان جو معرڪو پي ٽي آءِ هڻي چ??ي آهي، ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي وارن کان جي بي جي عوام پڇي رهي آهي ته 10 سالن ۾ جيڪي ڪجهه نه ڪري سگهيا اهو آئنده گلگت بلتستان لاءِ ڇا ڪندا، مريم ۽ بلاول جون پارٽيون گلگت بلتستان جي عوام جي نظر ۾ ڪري چ??يون آهن، شڪست انهن جو مقدر بڻجي چ??ي آهي، مخالف ڌر اڳواڻن جي گفتگو تي پنهنجي رد عمل ۾ وفاقي وزير سيني??ر شبلي فراز چيو ته اڄ مريم صفدر جي گلگت بلتستان ۾ خطاب ۾ روايت موجب سندن لهجو شڪست کاڌل ۽ انتهائي مايوس ڪندڙ هو، هنن پنهنجي تقرير ۾ لوٽن ۽ ڌانڌلي جو ذڪر ڪيو جيستائين لوٽن جو تعلق آهي ته کين ياد ڏيارڻ چاهيان ٿو ته سندس والد محمد نواز شريف لوٽا ڪريسي جو خالق آهي جنهن جي پهرين فيڪٽري ڇان??ام??نگا ت?? لڳائي وئي، هن چيو ته گلگت بلتستان ۾ گذريل 5 سال (ن) لگ جي حڪومت رهي، ناقص ڪارڪردگي تي خبر پئجي چ??ي آهي ته شڪست توهان جو مقدر آهي.