اسلام آباد – 05 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? جي صدارت ۾ هائوسنگ، ڪنسٽرڪشن ۽ ڊولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جو هفتيوار اجلاس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو، ايسوسئي??ن آف بلڊرز ۽ ڊوليپرز (آباد) اجلاس کي آگاهه ڪيو ته سنڌ ۾ 74 منصوبن جي منظوري ملي چڪي آهي جنهن جي ڪل لاڳت 28 ارب روپيا آهي، انهن منصوبن جي آغاز سان 55 ارب روپين جون لاڳاپيل معاشي سرگرميون شروع ٿينديون. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته سيپٽمبر 2019ع کان سيپٽمبر 2020ع جي عرصي ۾ سيمينٽ جي وڪري ۾ 17 سيڪڙو ۽ اسٽيل جي وڪري ۾ 19 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ٿيو، آباد تعميرات جي منظوري جي عمل کي وڌيڪ آسان بڻا??ڻ جي حوالي سان حڪومتي ڪوششن کي ساراهيو ۽ ان ڏس ۾ تجويزون به پيش ڪيون.