اسلام آباد – 18 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي ڪنهن سان ذاتي دشمني ۽ ويڙهه ??ه آهي، اسان جو مقصد ملڪ ۾ هڪ اهڙو نظام جوڙڻ آهي جنهن سان حڪومت ۽ مخ??لف ڌر جي وچ ۾ اهڙو رابطو بڻجي جو مخ??لف ڌر حڪومت جي پاليسين تي تنقيد ڪري پر قومي ۽ عوام جي مفادن ج?? حوالي سان قانونسازي ۾ حڪومت جو ساٿ ڏي، ملڪ ۽ عوام جي مفادن جي لاءِ حڪومت مخ??لف ڌر سان ڳالهين جي لاءِ تيار آهي پر احتساب جي معاملي تي ڪو ٺاهه نه ٿو ٿي سگهي، ڪو به معاشرو ۽ ملڪ احتساب کانسواءِ نه ٿو هلي سگهي، حڪومت مخ??لف ڌر پارٽين جي بدعنوان قائدين ۽ اڳواڻن سان نرمي ڪئي ته اهي سمجهڻ لڳا ته هي ڪمزور آهن، هاڻي ڪنهن ??ي به شڪ جو فائدو نه ڏينداسين. نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن ??يو ته حڪومت مخ??لف ڌر پارٽين جي جلسن ۽ جلوسن سان گهٻراهٽ جو شڪار ??ه آهي، هي ماڻهو پنهنجي تقريرن ۾ غلط بياني ڪن ٿا جنهن جو جواب ڏيڻ ضروري آهي ته جيئن عوام کي اصل ح??يق?? معلوم هجي.