اسلام آباد – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ سسٽم جي ڪري ٽيلينٽ مٿي نٿو اچي، ڪرڪيٽ جي موجوده نظام کي درست ڪرڻ جي ضرورت آهي، مقابلي جي فضا ۾ بهترين ٽ??لينٽ سامهون ايندو آهي، نوجوان رانديگرن کي مٿي اچڻ جي لاءِ موقعا فراهم ڪرڻ گهرجن، اسان ٽ??لينٽ کي اڳتي آڻڻ واري سسٽم ۽ ڪرڪيٽ جي ڍانچي کي ٺيڪ ڪري وٺون ته پاڪستان ناقابل شڪست بڻجي ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ٽ??لي ويزن ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۾ نشرياتي حقن جي حوالي س??ن معاهدي تي صحيحن جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.