اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) قوم 74 هون آزادي جو ڏهاڙو اڄ جمعي ڏينهن ان عزم سان ملهائيندي ته باباءِ قوم جي فڪر ۽ مصو?? پاڪستان جي خوابن جي تعبي?? پاڪستان کي دنيا جي نقشي تي هڪ باوقار ۽ قائدا??و ڪردار رکندڙ عظيم کان عظيم تر ملڪ بڻائينداسين، ڏينهن جي شروعات مسجدن ۾ پاڪستان جي استحڪام ۽ ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ خاص دعائن سان گڏ ڪيو ويندو. وفاقي گادي و??ري شهر اسلام آباد ۾ 31 جڏهن ته صوبائي گادي وارن شهر ۾ 21، 21 توپن جي سلامي ڏني ويندي. سڄي ملڪ ۾ سرڪ??ري عمارتن تي روشنيون ٻاريون وينديون، گهرن تي پاڪستان جو سبز هلالي جهنڊا ڦرڪايا ويا آهن ۽ گهٽين ۽ بازارن کي سجايو ويو آهي. پارليامينٽ هائوس ۾ خوبصورت برقي روشنين ڊي چوڪ جي رونق وڌائي ڇڏي آهي. مزار ??ائد تي گارڊز جي تبديلي جي تقريب ٿيندي جڏهن ته اهم حڪومتي شخصيتون گلن جون چادر چاڙهينديون. مختلف ادارن ۾ تقريبن ۾ ملي نغ??ا ۽ قيام پاڪستان جي جدوجهد جي حوالي سان خاص روشني وڌي ويندي. اخبارن ۾ خاص ايڊيشن ۽ ٽيليويزن چينلز تي خصوصي نشريات ٿينديون. ان ڏينهن جي مناسبت سان صدر، وزيراعظم ۽ اهم حڪومتي ۽ سياسي قيادت جا خاص پيغام ج??ري ٿيندا. ان ڏينهن ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ جي روح روان حريت اڳواڻ سيد علي شاهه گيلاني کي نشان پاڪستان ڏنو ويندو. ان کانسواءِ به نمايان خدمتن تي عسڪري ۽ مختلف شعبن ۾ نمايان ڪردار ادا ڪندڙن کي ايوارڊ ڏنا ويندا. جمعي جي نماز جي ميڙن ۾ پڻ ملڪ جي سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ خاص دعائون گهريون وينديون. ڪشمير جي آزادي جي لاءِ پڻ خاص دعائون ڪيون وينديون.