اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته سياچن ڪالهه به اسان جو هو ۽ اڄ به اسان جو آهي، اسان جي منزل سري نگر ان خواب جي ??عبير آهي جيڪو قائداعظم ڏٺو هو. نئون سياسي نقشو ج??ري ڪرڻ جي موقعي تي پرڏيهي وزير حڪومت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اڄ جاري ڪيل نئون نقشو پاڪستان جو نقشو هوندو، وفاقي ڪابينا نئين سياسي نقشي جي ??اقاعده منظوري ڏني آهي جڏهن ته نئون سرڪاري نقشو پاڪستاني قوم جي ??رج??ان?? ڪري ٿو. نقشي ۾ لائن آف ڪنٽرول کي واضح طور تي ڏيکاريو ويو جڏهن ته نئين نقشي ۾ سياچن کي پاڪستان جو علائقو ڏيکاريو ويو آهي ۽ ڄمون ۽ ڪشمير هاڻي پاڪستان جي نقشي جو حصو آهن. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي ??اگرافيائي حدن جو تعين ڪري ڇڏيو آهي. اڄ کانپوءِ اهو نقشو سڄي ملڪ ۾ استعمال ٿيندو.