اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي) ڪورونا وائرس جي وبا جي وڌندڙ رجحان سبب سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي 5 جون کان شروع ٿيندڙ سينيٽ جي اجلاس جي لاءِ صحت واري وزارت ۽ صحت جي ع??لمي اداري پاران جاري ڪيل ايس او پيز تي ??ڪم?? عملدرآمد جي هدايت ڪئي آهي ۽ اجلاس منعقد ڪرڻ جي لاءِ موثر انتظامن جي پڻ هدايت جاري ڪئي ??هي. انهن انتظامن موجب پارلي??مي??ٽ جو اجلاس باقاعده طور تي پاڪستان ٽيليويزن ذريعي سڌوسنئون نشر ڪيو ويندو ته جيئن ميڊيا جي نمائندن کي ڪوريج جي لاءِ متبادل ذريعو ملي سگهي. ميڊيا جي نمائندن کي گذارش ڪئي ويندي ته اجلاس جي ڪارروائي لاءِ پي ٽي وي ٽرانسميشن مان فائدو کڻن.