لاهور – 07 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم ج?? اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ??هي ته حڪومت فلمي صنعت ۽ سئنيما کي صنعت جو درجو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، فلم کي سينسر ڪرڻ جو اختيار فيڊرل سينسر بورڊ وٽ هوندو، فلمي صنعت ذريعي تهذيب، قدرن ۽ ثقافت کي اجا??ر ڪرڻ ترجيح آهي، عوام پنهنجي مسئلن جي حل لاءِ وزيراعظم عمران خان کي پنهنجو مسيحا بڻائي چڪي آهي، نيب آزاد ادارو آهي. فلم انڊسٽري جي وفد سان گڏ پر??س ڪانفرنس کي خطاب ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته نئين فلم پاليسي جي حوالي سان ڌرين سان مشاورت ٿي ??هي ۽ نئين فلم پاليسي ۾ ڌرين جي تجويزن کي شامل ڪيو ويندو، فلمي صنعت جي بحالي لاءِ حڪومت هر ممڪن تعاون ڪندي.