اسلام ??باد – 02 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت ??اص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران ??ان ??يگزيڪيٽو اختيار هُجڻ باوجود ٻه اهم قومي معاملا پارليامينٽ کي موڪلي ڇڏيا آهن، قومي سلامتي سميت سمورن اهم رياستي ادارن جو تحفظ اسان ??ي ذميداري آهي، حڪومت سان گڏوگڏ مخالف ڌر به قومي سلامتي جي ايتري ئي ضامن آهي، اميد آهي ته پارليامينٽ اتفاق راءِ سان ??ئيني مسئلي جو مستقل حل ڪري ڇڏيندي، پاڙيسري ملڪ ۾ آرمي چيف جي توسيع لاءِ صرف دفاع واري وزير پنهنجا اختيار استعمال ڪيا آهن اتي ان معاملي تي ڪو به مسئلو پيدا نه ٿيو، هو براق هاءِ ٽيڪ سروسز جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي، وزيراعظم جي ??اص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته قومي سلامتي جي ادارن جي حوالي سان ??سان ??ڀني جو ڪردار ذميداراڻو هجڻ گهرجي، قومي سلامتي، استحڪام، وقار ۽ تشخص جو تحفظ او??ين ترجيح ۽ ذميداري آهي، هن چيو ته وزيراعظم عمران ??ان پنهنجا ايگزيڪيٽو اختيار هجڻ جي باوجود ٻن اهم قومي معاملن جي ??ل لاءِ پارليامينٽ سان ??جوع ڪيو آهي.