اسلام آباد – 30 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته نيب قانون ۾ ترميم جو مقصد قومي ترقي جي ??يٿي کي تيز ڪرڻ آهي، مخالف ڌر نيب آرڊيننس کي پڙهڻ کانسواءِ ئي تنقيد براءِ تنقيد تي عمل ڪري رهي آهي، اين آر او متعارف ۽ فائده کڻندڙ به نيب آرڊيننس تي تنقيد ڪري رهيا آهن، نيب آرڊيننس ۾ ديانتدار ۽ ايماندار ماڻهن جو تحفظ ڪيو ويو آهي، حڪومت عمران خان جي قيادت ۾ ملڪ کي ڪرپشن کان پاڪ ڪرڻ ۾ مصروف آهي، نيب ۽ ايف آءِ اي جه??ن ادارن کي آزاد ڪيو ويو آهي، ماضي ۾ ايف آءِ اي کي مرضي سان سوالناما ڏنا ويندا رهيا، هاڻي جيڪڏهن ڪو ايف آءِ اي جي سام??ون پيش ٿيندو آهي ته اها ئي تبديلي آهي.