واشنگٽن -28 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ عالمي برادري ۽ انساني حقن جي تنظيمن تي زور ڀريو آهي، ته ??هي ڀارت جي غيرقا??ون?? قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڪشميرين جي خراب حالت کي اجاگر ڪرڻ ۽ پراڻي ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن پاڪستاني سفارتخاني ۾ ڪشمير جي ڪاري ڏهاڙي جي مناسبت سان منعقد ٿيل وڏي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ??يو ته ??هو ڪيس اسان جي حق ۾ آهي ۽ ان کي عالمي سياسي ۽ معاشي صورتحال ۾ درست وقت تي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن ان موقعي تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن جو حوالو ڏنو جيڪي گڏيل قومن جي نگراني هيٺ راءِ شماري ڪرائڻ ۽ ڪشميري عوام کي پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جو حق ڏئي ٿي. هن ??يو ته ??لائقي جي تاريخ اسان جي حق ۾ آهي، ا??و ڏينهن هر سال 27 آڪٽو??ر 1947ع تي ان ڏينهن جي ياد ۾ ملهايو ويندو آهي، جڏهن ڀارت ڪنهن قا??ون?? جواز کانسواءِ ڄمون ڪشمير رياست تي زبردستي قبضو ڪري ورتو هو. پاڪستاني سفير ??يو ته ??اريخ رڪارڊ اسان لاءِ هڪ اثاثو آهي ۽ هر پليٽ فارم تي ان جو حوالو ڏيڻ ۽ برقرار رکڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ نائب وزيراعظم۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جا پيغام پڻ پڙهي ٻڌايا ويا.