بيجنگ – 19 – آڪٽوبر (اي پ?? پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان امر انٽرنيشنل جي چيئرمين وانگ وينين ملاقات ڪئي. وزيراعظم آ??يس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ امر انٽرنيشنل پاڪستان ۾ ٽامي ۽ اسٽيل جي صنعت ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو ??ظهار ڪيو. نگران وزيراعظم امر انٽرنيشنل جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جي آجيان ڪئي ۽ انهن کي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل بابت آگاهه ڪيو جنهن تحت کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ ون ونڊو آپريشن جي سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي.