اسلام آ??اد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پوليو جو خاتمو اسان جو ديني، اخلاقي ۽ قومي فرض آهي، ان موذي مرض کان اسان کي پنهنجي ايندڙ نسل کي بچائڻ آهي، ملڪ کي پوليو کان پاڪ ڪرڻ جي عزم سان پوليو جي خاتمي ج?? جنگ کٽينداسين، پولي?? ورڪرز اسان جا اصل هيروز آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن سڄي ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي جي مهم جي شروعات واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته هن ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياري 5 ڏينهن واري قومي پوليو جي خاتمي واري مهم جي شروعات ڪري ڇڏي. هن ان مهم دوران 5 سالن تائين جي عمر جي 4 ڪروڙ 40 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو جي خاتمي جا ڦڙا پياريا ويندا. ان قومي مهم ۾ ساڍا 3 لک پولي?? ورڪرز حصو وٺي رهيا آهن، جيڪي اسان جا اصل هيروز آهن ۽ فرنٽ لائين ورڪرز آهن، حڪومت انهن سان گڏ بيهي پوليو جي خاتمي لاءِ جنگ پنهنجي عالمي حصيدارن سان وڙهي ر??ي آهي ۽ ان موذي مرض کان اسان جي ايندڙ نسل کي بچائڻو آهي، اهو اسان سڀني جو ديني، اخلاقي ۽ قومي فرض آهي. نگران وزيراعظم سمورن مڪتبه فڪر جي عالمن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي ايندڙ نسل کي ان مرض کان بچائڻ جي مهم ۾ وڌي چڙهي حصو وٺن ۽ الله تعاليٰ ۽ ان جي رسول جي خوشنودي ۽ پنهنجي آخرت سنوارڻ جي لاءِ حڪومت جي مدد ڪن. هن چيو ته ان مهم کي اسان کي اهڙو مشن سمجهي پورو ڪرڻو آه?? جنهن سان عالمي دنيا ۽ مسلمان امت جي اهڙي تصوير پيش ٿئ?? جنهن ۾ پنهنجي ٻارن جي حفاظت جي لاءِ ڀر??ور عزم جو اظهار ٿئي ۽ انهي عزم سان پوليو جي خاتمي وار?? جنگ اسان ضرور کٽينداسين.