نيويارڪ – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته نگران وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي سميت ٻطرفن ۽ گهڻ رخي فورمز تي پاڪستان جي موقف جي ڀرپور ترجماني ڪ??ي آهي، پاڪستان خطي ۾ پائيدار امن جو خواهشمند اهي، ان مقصد جي لاءِ ڪشمير مسئلي کي سلامتي ڪ??ئونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب حل ٿيڻ گهرجي، موسمياتي تبديلين جي چئلينج کي ??نه?? ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جهڙن شديد متاثر ملڪن جي فنانسنگ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ عالمي برادري ڪ??دار ادا ڪري. هو نيويارڪ ۾ پرڏيهي سيڪريٽري ۽ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي سان گڏ نيوز ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. نگران پرڏيهي وزير چ??و ته اسان 18 سيپٽمبر کان هن دوري تي آهيون، ان دوران نگران وزيراعظم اعليٰ سطحي ٻطرفيون ملاقاتون ڪيون، اهڙي طرح مون نگران پرڏيهي وزير جي حيثيت سان پنهنجي پرڏيهي هم منصبن سان ملاقاتون ڪيون، انهن ملاقاتن ۾ ٻطرفن معاملن کانسواءِ عل??ئق??ئي ۽ اهم عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن چ??و ته اسان پاڪستان ۾ اقتصادي صورتحال جي بهتري سميت واپار ۽ ترقي بابت قدمن کان آگاهه ڪيو. نگران پرڏيهي وزير چ??و ته اسان وزارتي سطح تي پڻ ڪيتريون ئي ملاقاتون ڪيون آهن. هن چ??و ته نگران وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪيو جنهن ۾ هن عل??ئق??ئي صورتحال، افغانستان ۽ خطي ۾ امن ۽ سلامتي بابت پاڪستان جي موقف کي اجاگر ڪيو. هن امن ۽ ترقي جي لاءِ پاڪستان جي ڪ??دار کي پڻ اجاگر ڪيو. نگران وزيراعظم موسمياتي تبديلي کي ??نه?? ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کان پڻ دنيا کي آگاهه ڪيو. هن ٻڌا??و ته پاڪستان ڪمزور ملڪن کي موسمياتي تبديلين جي اثرن جي نتيجي ۾ آفتن کي ??نه?? ڏيڻ جي لاءِ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، اسان اميد ظاهر ڪئي ته هلندڙ سال نومبر ۾ ٿيندڙ ڪوپ – 28 ۾ عملدرآمد جو مڪينزم جوڙيو ويندو. هن چ??و ته پاڪستان موسمياتي تبديلين سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن مان هڪ آهي. هن ملڪ ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهين ۽ مالي نقصانن بابت پڻ آگاهه ڪيو. نگران پرڏيهي وزير چ??و ته اسان او آءِ سي جي ڪ??مير ۽ فلسطين بابت گروپس جي اجلاسن کانسواءِ ٻين اهم فورمز ۾ پڻ ڀرپور شرڪت ڪئي. اسان خطي ۾ امن ۽ سلامتي جي ڪوششن جي لاءِ ڪشمير مسئلي جي گڏيل قومن جي سلامتي ڪ??ئونسل جي قراردادن موجب حل جي ضرورت تي زور ڏنو. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران پرڏيهي وزير چ??و ته اسان مختلف اجلاسن ۽ ملاقاتن ۾ فلسطين جي مسئلي جي حل جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چ??و ته اسان ڀارت سان امن چاهيون ٿا پر ان جي لاءِ ڪشمير مسئلي جو گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب حل لازمي آهي. ڪئناڊا ۾ سک اڳواڻ جي قتل ج?? حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چ??و ته ڀارت ڏکڻ ايشيا جي خطي جي ملڪن ۾ اهڙي طرح جي ڪ??ررواين ۾ سدائين ملوث رهيو آهي. هاڻي ڪ??ناڊا ۾ اهڙي طرح جي ڪ??رروائي سان ڀارت دنيا ۾ پنهنجي ڪ??دار ج?? حوالي سان بي نقاب ٿي ويو آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ نگران پرڏيهي وزير چ??و ته افغانستان مان ٻين ملڪن جي خلاف ڪاررواين جي روڪٿام بابت ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ۽ انهن پاران افغان سرزمين دهشتگردي جي لاءِ استعمال نه ٿيڻ جي خاطري ڪ??ائي وئي آهي.