نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزير??عظ?? انوارالحق ڪاڪڙ اميد ظاهر ڪئي آهي ته هلندڙ سال ملڪ جي هر علائقي ۾ پوليو وا??رس جي منتقلي کي روڪڻ ممڪن هوندو، حڪومت ۽ نيشنل پوليو ٽاسڪ فورس سڄي ملڪ ۾ ٻارن کي پوليو ويڪسين، معمول جي حفاظتي ٽُڪن ۽ ٻيون ضروري صحت جون خدمتون پهچائڻ جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزير??عظ?? انوارالحق ڪاڪڙ بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس سان گڏيل قومن جي جنر?? اسيمب??ي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي جنهن ۾ پوليو جي خاتمي، صنفي برابري، غذائيت ۽ مالياتي شموليت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نگران وزير??عظ?? ان اميد جو اظهار ڪيو ته هلندڙ سال ملڪ جي هر علائقي ۾ پوليو وا??رس جي منتقلي کي روڪڻ ممڪن هوندو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته نگران حڪومت ۽ نيشنل پوليو ٽاسڪ فورس سڄي ملڪ ۾ ٻارن کي پوليو ويڪسين، معمول جي حفاظتي ٽُڪن ۽ ٻيون ضروري صحت جون خدمتون پهچائڻ جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهن. بل گيٽس ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ۾ پوليو جو خاتمو اولين ترجيح آهي. هن خاص طور تي افغانستان سان سرحد پار منتقلي کي روڪڻ ۽ ڏکڻ صوبي خيبرپختونخواهه ۾ ويڪسينيشن مهم جاري رکڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي. هن نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر ۽ نگران حڪومت تي به اعتماد جو اظهار ڪيو ته اهي پوليو وا??رس جي منتق??ي جي خاتمي لاءِ ڪوششون جاري رکندا. هن پاڪستان ۾ غذائيت ۽ مالياتي شموليت جي ڪوششن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ جدت سان ڀرپُور ۽ تسليم ٿيل طريقن کي سگهه ڏيڻ ۾ نگران وزير??عظ?? کي حمايت جو يقين ڏياريو. نگران وزير??عظ?? ۽ بل گيٽس ان ڳالهه تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ته ڪهڙي طرح انهن ترجيحن ۾ بهتري صنفي برابري جي ڪوششن کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ڪري ٿي، ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندي عورتون ۽ ڇوڪريون پنهنجي صحت، ماليات ۽ مستقبل کي ترجيح ڏئي سگهن ۽ پنهنجي معاشرن ۾ رهنما بڻجي سگهن.