پشاور – 22 – جون (اي پي پي) صدر ??اڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ترقي ۽ روشن مستقبل جي ل??ءِ اعليٰ تعليم جو فروغ لازمي آهي، هن يونيورسٽين تي زور ڏنو ته اهي پاڪستان جي ترقي جي ل??ءِ گريجوئيٽس جو انگ وڌائڻ جي ل??ءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪن. صدر اهڙن خيالن جو اظهار خيبرپختونخواهه ??ي گورنر حاجي غلام علي، نگران وڏي ??زير محمد اعظم خان ۽ صوبائي ڪابينا جي ميمبرن سان گورنر هائوس ۾ ملاقات دوران ڪيو. اعليٰ سطحي اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري ۽ انسپيڪٽر جنرل آف پول??س خيبرپختونخواهه پڻ شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ صوبي جي انتظامي ۽ مالي معاملن سميت امن امان جي مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي ??ٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ سڄي صوبي خاص طور تي ضم ٿيل ضلعن ۾ ترقياتي معاملن بابت پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. انضمام کانپوءِ قبائلي عوام کي درپيش مشڪلاتن ۽ مسئلن جي حل لاءِ آئين ۽ قانون موجب قدم کڻڻ بابت معاملا پڻ بحث هيٺ آيا. ملاقات ۾ صوبي ۾ پبلڪ سيڪٽرز يونيورسٽين جي مالي ۽ انتظامي مشڪلاتن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. صدر ??يو ته اعليٰ تعليم تمام اهم شعبو آهي ۽ خيبرپختونخواهه ??ون يونيورسٽيون ملڪ جي خوشحالي جي ل??ءِ ٽيڪنالاجي جي مدد سان گريجوئيٽس جي انگ ۾ اضافو ڪري سگهن ٿيون. هن خيبرپختونخواهه ??ي يونيورسٽين تي زور ڏنو ته اهي آن لائين تعليم جي ڪاٿي ۾ اضافو ڪن ۽ معياري فني ۽ پيشيواراڻي تعليم يافته افرادي قوت جو هڪ وڏو انگ پيدا ڪرڻ جي ل??ءِ مختلف شفٽس شروع ڪن جيڪي پائيدار ترقي ۽ سماجي اقتصادي ترقي جي ل??ءِ لازمي آهن. هن يونيورسٽيز انتظاميا کي چيو ته اهي پنهنجي مالياتي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ل??ءِ گرانٽ جي ماهر جون خدمتون حاصل ڪن. نگران وڏي ??زير محمد اعظم خيبرپختونخواهه ??ي يونيورسٽين ۾ وائيس چانسلرز جي جلد مقرري جي ضرورت تي زور ڏنو. ان موقعي تي صوبائي حڪومت جي عملدارن يونيورسٽين جي موجوده مالياتي ۽ انتظامي معاملن بابت بريفنگ ڏني.