پيرس – 22 – جون (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا سان ملاقات ڪئي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب و??ير??عظم جيڪو پيرس ۾ ”نيو گلوبل فنانسنگ پيڪٽ“ جي سربراهه اجلاس ۾ شرڪت لاءِ فرانس جي دوري تي آهي، هن آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سان ملاقا?? ۾ ??اڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ جاري پروگرامن ۽ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. و??ير??عظم 27 مئي 2023ع تي ٽيليفون تي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه جو حوالو ڏيندي آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر کي پاڪستان جي معاشي صورتحال بابت آگاهه ڪيو. و??ير??عظم معاشي ترقي ۽ استحڪام جي لاءِ حڪومتي قدمن جو خاڪو پيش ڪيو. هن چيو ته ايڪسٽينڊيڊ فنڊ فيسيلٽي (اي ايف ايف) تحت نائين جائزي جي لاءِ سمورا اڳواٽ قدم مڪمل ڪيا ويا آهن ۽ پاڪستان حڪومت آءِ ايم ايف سان طئي ٿيندڙ پ??هن??ي ذميوارين کي ادا ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي. و??ير??عظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته آءِ ايم ايف جي اي ايف ايف تحت مختص فنڊز جلد کان جلد جاري ڪيا ويندا ان سان پاڪستان ۾ معاشي استحڪام ۽ عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ حڪومت جي جاري ڪوششن کي سگهه ملندي. آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر و??ير??عظم کي جائزو وٺڻ جي جاري عمل جي حوالي سان پ??هن??ي اداري جي موقف کان آگاهه ڪيو. و??ير??عظم آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات سان پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ اڳڀرائي جي حوالي سان فائديمند موقعو مليو. ملاقا?? ۾ ??احولياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، ناڻي واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر عائشه غوث پاشا، و??ير??عظم جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ فرانس ۾ پاڪستان جو سفير عاصم افتخار احمد پڻ موجود هئا.