اسلام آباد -11 مئي (اي پي پي) پاڪستان جي آئين جي گولڊن جوبلي جي سلسلي ۾ رٿيل ٻن ڏينهن واري عالمي ڪنوينشن پڄاڻي تي پهتي، ڪنوينشن ۾ 17 کان وڌيڪ ملڪن جي نمائندن شرڪت ڪئي. ان ?? بيلجيئم، ايران، ڪينيا، شام، جمهوريه ڪرغزستان، برطانيه، آمريڪا، اسڪاٽ لينڊ سميت ٻين ملڪن جا وفد شامل هئا. ڪنوينشن ۾ اندروني ملڪن مان پارليامينٽ جي ميمبر??، سياسي اڳواڻ??، سول سوسائٽي جي ميمبرن، عورتن، اڪيڊميا، غير مسلم اڳواڻن شرڪت ڪئي، سعودي عرب جي مجلس شوريٰ جو چيئرمين ??اڪٽر عبدالله بن محمد بن ابراهيم الشيخ پڻ شريڪ ٿيو. ڪنوينشن جي پهرين ??ينهن پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان، وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، وفاقي وزير سينيٽر شيري رحما??، سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين فاروق ايڇ نائيڪ ۽ قمر زمان ڪائره خطاب ڪيو، ڪنوينشن جي ٻي ڏينهن واري پڄاڻي جي تقريب کي پر??يهي وزير بلاول ڀٽو زرداري خطاب ڪيو. ان موقعي تي پڌرائي پڻ جاري ڪئي وئي. ڪنوينشن جي پڄاڻي واري سيشن ۾ ڊاڪٽر نفيسه شاه پڌرائي پيش ڪئي.