اسلام آباد-10 اپريل (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير مولانا اس??د محمود چيو آهي ته فارن فنڊڊ پارٽين کي ملڪ کي عالمي چوڪ بڻائڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، قوم جي مفاد کي مٿانهون رکندي فيصلا ڪيا وڃن. قومي اسيمبلي ۾ منعقد قومي آئيني ڪنوينشن کي خطاب ڪندي مواصلات واري وفاقي وزير مولانا اس??د محمود چيو ته هو مختلف سياسي پارٽين جي انهن لکين سياسي ڪارڪنن کي خراج تحيش پيش ڪرڻ چاهي ٿو جنهن اڄ تائين 1973ع جي آئين کي محفوظ رکيو آهي. اڪابرن جي جدوجهد جي نتيجي ۾ هن ملڪ لاءِ آئين ٺاهيو ويو، 1973ع جي آئين کانپوءِ ضياءُ الحق ?? مشرف مارشل لا لڳايو ۽ عدالتن نظريه ضرورت تحت ان کي نه رڳو جائز قرار ڏنو پر فرد واحد کي آئين ۾ ترميمن جي اجاز?? به ڏني وئي. هن چيو ته پرڏيهي پاليسي جو تعين ايوب، ضيا ۽ مشرف ڪندا آيا آهن، هي پاليسي هن ايوان کي ڪرڻي پوندي. هن چيو ته اس??ن پاڙيسري ملڪن سان بهتر لاڳاپا چاهيون ٿا، اس??ن چين سان معاشي معاهدن تي عملدرآمد چاهيون ٿا، افغانستان ۾ افغانستان جي حڪومت کي تسليم ڪيو وڃي، اس??ن ايران سان اقتصادي لاڳاپا قائم ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته سڄي دنيا جون عالمي تنظيمون هتي پنهنجي غلام سياستدانن ۽ فارن فنڊڊ پارٽين جي مدد ڪنديون آهن، اهي آئين جي شڪل بگاڙيندا آهن. اهي عدالتي نظام کي بگاڙيندا آهن ۽ قوم کي ورهائيندا آهن. پاڪستان ۾ ڇو فارن فنڊڊ پارٽين کي اڳتي آندو پيو وڃي، اس??ن کي انهن فارن فنڊڊ پارٽين سان ڳا??هين تي ڇو مجبور ڪيو پيو وڃي، اس??ن ڳا??هيون پاڪستان ۽ پاڪستان جي انهن پارٽين سان ڪنداسين جيڪي عالمي ايجنڊا تي عمل پيرا نه هجن. اس??ن کي پشتون، بلوچ، سرائيڪي قومپرستن سان به ڳا??هه ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته آئين سان اسلامي نظرياتي ڪائونسل ڪم ڪري رهي آهي، ڇو نه ان جي متفقه س??ارشن کي هن پارليامينٽ ۾ پيش نه ڪيو ويو، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جون سفارشون مڪمل آهن. هن چيو ته اس??ن اڄ به آئين ۽ پارليامينٽ سان گڏ بيٺل آهيون. هتي فراڊي ايندا آهن، ضياءُ الحق به اسلام جو نعرو لڳايو ۽ هاڻي هڪ فراڊي به مديني جي رياست جو نالو وٺي رهيو آهي پر اسلام پسندن سدائين اهڙن دوکي بازن کي رد ڪيو آهي. هن آئين جي جوڙجڪ ۾ ڪردار ادا ڪندڙ سمورن اڳواڻن کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته اس??ن جي اڪابرن قربانيون ان لاءِ ناهن ڏنيون ته هتي فارن فنڊڊ پارٽيون ملڪ کي عالمي چوڪ بڻائي ڇڏين جتي ڀاڙي تي سياستدان دستياب هجن، ملڪ لاءِ فيصلا ڪرڻ جي ضرورت آهي.