اسلام آباد – 10– اپريل (اي پي پي) 1973ع جي آئين جي گولڊن جوبلي ڪنوينشن پاڪستان ??ي عوام جي روشن مستقبل کي يقيني بڻائڻ ۽ آئين ۽ ان ??ي اصولن جي بالادستي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو وچن ڪ??دي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته رياست جا سمورا ادارا 1973ع جي آئين تي مڪمل عملدرآمد ڪن ۽ سمورا اهي ضروري قدم کڻن جن سان پاڪستان ??ي عوام جي حقن ۽ مفادن جو تحفظ يقيني بڻائي سگهجي جڏهن ته 1973ع جي آئين جي منطوري جي ياد ۾ هر سال 10 اپريل تي ”قومي آئين جو ڏهاڙو“ ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. وزيراعظم شهباز شريف پاران ??ئين جي گولڊن جوبلي جي سلسلي ۾ منعقد پروقرار ڪنوينشن ۾ پيش ڪيل قرارداد متفقه طور تي منظور ڪئي وئي. وزيراعظم شهباز شريف پاران ??سلامي جم??ور??ه پاڪستان ??ي 1973ع جي آئين جي گولڊن جوبلي جي قرارداد ڪنوينشن ۾ پيش ڪئي وئي. قرارداد ۾ چيو ويو ته اسلامي جم??ور??ه پاڪستان ??ي آئين جي گولڊن جوبلي ملهائي??دي هي ڪنوينشن قرار ڏي ٿو ته پاڪستان ??ي آئين ۾ لکيل آهي ته حاڪميت اعليٰ رڳو الله تعاليٰ جي آهي ۽ ان ??ي ڏنل ان ??ختيار کي پاڪستان ??ي عوام پنهنجي چونڊيل نمائندن جي ذريعي الله تعاليٰ جي مقرر ڪيل حدن جي اندر رهي استعمال ڪندي، اهو ته 10 اپريل 1973ع تي قومي اسيمبلي مان منظور ٿيندڙ آئين پاڪستان ??ي عوام جي امنگن ۽ خواهشن جو ترجمان ??هي، اهو ته 1973ع جو آئين قائداعظم محمد علي جناح ۽ حضرت علامه اقبال سميت پاڪستانين جي بانين جي ڏاهپ جو عڪس آهي ۽ جم??ور??ت، برابري، آزادي ۽ انصاف جا اصول رکندڙ آهي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته 1973ع جو آئين تنوع ۽ پاڪستان ??ي اتحاد جو منفرد مظهر آهي ته اهو صوبن جي و??دت ۽ وفاق جي سياسي اتحاد کي يقيني بنائي??دي ان ??ي حقن ۽ خودمختياري کي تسليم ڪري ٿو، 1973ع جو آئين اصولن جي بالادستي، قانون جي حڪمراني ۽ انساني حقن جي تحفظ جي لاءِ پارليامينٽ، عدليه ۽ انتظاميا جي رهنمائي ۽ جذبي جو ذريعو آهي. قرارداد ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته 1973ع جي آئين ۾ گذريل سالن دوران پاڪستان ??ي عوام جي تبديلي ٿيندڙ ضرورتن ۽ خواهشن کي سهيڙڻ جي لاءِ ترميم ٿي??دي رهي آهي ۽ يقيني بڻايو ويندو رهيو ته آئين وقت جي موجب پنهنجي اهميت برقرار رکي. اسلامي جم??ور??ه پاڪستان ??ي گولڊن جوبلي ملهائي??دي ان ??ي پنهنجي وجود کي برقرار رکڻ جي صلاحيت، جم??ور??ت، قانون جي حڪمراني ۽ انساني حقن جي لاءِ پنهنجي پڪي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته هي ڪنوينشن پاڪستان ??ي پارليامينٽ تي زور ڏي ٿو ته اسلامي جم??ور??ه پاڪستان ??و آئين 1973ع جي خوشي ملهائي??دي پاڪستان کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿو جن 1973ع جي آئين جو بنياد رکيو ۽ انهن سمورين شخصيتن کي به خراج عقيدت پيش ڪري ٿو جن گذريل سالن دوران ??ئين جي بهتري ۽ ترقي ۾ ڪوششن جي صورت ۾ پنهنجو حصو وڌو آهي. 1973ع جي آئين کي پاڪستان ??ي جم??ور??ت جو بنياد تصور ڪريون ٿا جيڪو پاڪستان ??ي انتظام هيٺ سمورن خطن جي سمورن طبقن کي نمائندگي ۽ شرڪت فراهم ڪري ٿو، آئين ۾ ڏنل جم??ور?? اصولن، قانون جي حڪمراني ۽ سماجي انصاف جي بالادستي جي وچن جو ورجاءُ ڪري ٿو. قرارداد ۾ چيو ويو آيه ته 1973ع جي آئين تي عمدلرآمد، ان ??ي بالادستي، آئين ۾ ڏنل اصولن، قدرن ۽ مقصدن جي بالادستي ۽ پاسداري کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ عدليه، انتظاميا ۽ پارليامينٽ جي ڪردار جي تحسين ڪري ٿو، قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته رياست جا سمورا ادارا 1973ع جي آئين تي مڪمل عملدرآمد ڪن ۽ سمورا اهي ضروري قدم کڻن جن سان پاڪستان ??ي عوام جي حقن ۽ مفادن جو تحفظ يقيني بڻائي سگهجي. هي ڪنوينشن 1973ع جي آئين جي تياري ۽ منظوري جي تاريخ ۽ ورثي تي فخر جو اظهار ڪري ٿو جنهن ۾ وفاقيت (فيڊرل ازم)، اختيارن جي ٽن رياستي ادارن ۾ ورڇ، عدليه جي آزادي ۽ غيرجانبداري، صوبائي خودمختياري ۽ شهرين جا بنيادي حق لکيل آهن. ڪنوينشن قرارداد ۾ فيڊرل ازم جي اصولن کي بالادست رکڻ جي اهميت تي زور ڏنو آهي جيڪو دستور جي بنيادي جزن مان ??هي، هي ڪنوينشن اسلامي جم??ور??ه پاڪستان ??ي آئين جي روح موجب ان ??و دفاع، سلامتي ۽ حفاظت جو وچن ڪري ٿو. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته اسلاميه جم??ور??ه پاڪستان ??ي آئين جي پنهنجي وجود کي برقرار رکڻ جي صلاحيت ۽ ان يقين تي اعتماد جو اظهار ڪري ٿو ته ايندڙ نسلن جي لاءِ مشعل راهه بڻجي ان ??ي رهنمائي ڪندو رهندو ۽ انهن کي جذبو ڏياريندو رهندو. قرارداد ۾ چيو ويو ته هي ڪنوينشن 10 اپريل 2023ع تي قومي دستور ڏهاڙي طور ملهائڻ جو اعلان ڪري ٿو جيڪو هر سال 1973ع جي آئين جي منظوري جي ياد ۾ سڄي ملڪ ۾ ملهايو يوندو. هي ڏينهن پاڪستان ??ي عوام کي آئين ۽ ملڪ جي لاءِ ان ??ي اهميت کان ??گاهه ڪندو. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته هي ڪنوينشن متفقه طور تي اهي قرارداد منظور ڪ??دي اهو وچن ڪري ٿو ته پاڪستان ??ي عوام جي روشن مستقبل کي يقيني بڻائڻ ۽ آئين جي بالادستي ۽ ان ??ي اصولن جي پاسداري جي لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين.