ملتان – 22 – فيبروري (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته باغباني ۽ گلن جي پوکيءَ ذهني دٻاءُ ۽ بي چيني تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ڏي ٿي، هڪ اندازي موجب پاڪستان ۾ 24 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ آبادي ڪنهن نه ڪنهن قسم جي ذهني دٻاءُ جو شڪار آهي، باغباني ۽ گلن جي پوکيءَ جهڙا مشغلا اسان کي ذهني طور تي صحتمند بڻائڻ ۾ مدد ڏين ٿا ڇو ته اها نه رڳو اس??ن جي ڀرپاسي خوبصورتي کي وڌائي ٿي پر اها صحتمند آرامده به آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان بلومز جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. بيگم ثمينه عارف علوي چيو ته مون کي پاڪستان بلومز جي تقريب کي خطاب ڪري خوشي محسوس ٿي رهي اهي، اها خوش آئنده ڳالهه آهي ته پاڪستان بلومز پاڪستان ۾ فلوري ڪلچر، هارٽيڪلچر ۽ باغباني ڪرڻ جي ل??ءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، پاڪستان بلومز لاهور، پشاور، ڪراچي ۽ سوات ۾ گلن جي نمائش ۽ اهڙا پروگرامز ڪرايا، ان تي هو ساراهه جي مستحق آهي. هن چيو ته مون کي خوشي آهي ته پاڪستان بلومز ملت??ن جي خوبصورتي کي وڌائڻ جي ل??ءِ پڻ ڪم ڪري رهيو آهي ۽ هتي گل لالا (ٽيولپس) پوکڻ ۽ هوم گرائون فلاورز کي پڻ پروموٽ ڪري رهيو آهي، اميد ڪريان ٿي ته ان سان اوليائن جي شه?? جي خوبصورتي ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. خاتون اول چيو ته گل اس??ن جي زندگي ۾ خوبصورتي ۽ رنگ ڀرين ٿا ۽ اهي اس??ن جي شه??ن جي گهٽين ۽ پارڪن کي خوبصورت بنائڻ جي ل??ءِ تمام گهڻو ضروري آهن، فلوري ڪلچر ۽ فلورل آرٽ رڳو هڪ ڪارائتو مشغلو ئي نه پر اهو اس??ن جي ذهني صحت جي ل??ءِ پڻ تمام گهڻو فائديمند آهي. هن چيو ته باغباني ۽ گلن جي پوکيءَ ذهني دٻاءُ ۽ بي چيني تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ڏي ٿو، اسان سڀني کي نه رڳو پنهنجي ماحول کي صاف بڻائڻو پوندو پر اسان کي باغباني ۽ گلن جي پوکيءَ جهڙن مشغلن کي پاڪستان ۾ فروغ ڏيڻو پوندو جنهن سان اس??ن جي ذهني صحت تي مثبت اث?? پون. بيگم ثمينه عارف علوي چيو ته هڪ صحتمند ماحول جي ل??ءِ گل، سبزه ۽ ٻيلا ضروري آهن، موسمياتي تبديلين، آلودگي ۽ گلوبل وارمنگ جهڙن چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ ۽ پاڪست??ن جي ماحول کي صاف سٿرو رکڻ جي ل??ءِ اسان سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو آهي، اسان کي فلورل آرٽس ۽ فلوري ڪلچر کي فروغ ڏيڻو پوندو، ان سان نه رڳو اس??ن جي شه??ن جي خوبصورتي ۽ رنگيني ۾ اضافو ٿيندو پر پاڪستان ۾ فضا جو معيار ۽ مجموعي صحت کي بهتر بڻائڻ ۾ پڻ مدد ملندي. هن چيو ته پاڪستان ثقافتي ورثي سان ڀرپور آهي ۽ پاڪ زمين ۾ ڪيترائي تاريخي باغ به آهن، گل اس??ن جي ثقافت جو هڪ لازمي حصو آهي، مون کي اهو ڏسي خوشي ٿي آهي ته پاڪستان بلومزاس??ن جي ان ورثي کي محفوظ رکڻ ۽ ان کي فروغ ڏيڻ جي ل??ءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ مختلف قسم جا گل موجود آهن ۽ اسان سڀني کي ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي ل??ءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ته ايندڙ نسلن جي ل??ءِ انهن جي حفاظت ڪئي وڃي ۽ انهن کي به گل پوکڻ ۽ انهن جي سارسنڀال ڪرڻ سيکاريو وڃي. هن چيو ته پاڪستان بلومز ملڪ ۾ فلوري ڪلچر کي فروغ ڏيڻ جي ل??ءِ بهترين ڪم ڪري رهيو آهي، مون کي يقين آهي ته تمام جلد انهن جي محنت ۽ لڳن ملتان ۾ جڳهه جڳهه تي نظر ايندي ۽ اوليائن جي شه?? کي هڪ خوبصورت باغن ۽ رنگ برنگي گلن جو شه?? بڻائيندا، پاڪستان ۾ فلوري ڪلچر کي فروغ ڏيڻ ۽ ملتان شه?? کي گلن سان ليس ڪرڻ جي ڪوششن جي ل??ءِ پاڪستان بلومز جا دل سان ٿورا مڃان ٿي، پاڪستان بلومز جي ڪم سان ملتان شه?? جي رنگ، خوبصورتي ۽ رونق ۾ اضافو ٿيندو، درخواست ڪريان ٿي ته بلومز پنهنجي ڪم کي جاري رکي ته جيئن اسان سڀ هڪ صحتمند ۽ خوبصورت ماحول جي فائدن مان لطف اندوز ٿي سگهون.