اسلام آباد – 17 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان سان آمريڪي پرڏيهي کاتي جي قونصلر ڊيرڪ شولي پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پرڏيهي سيڪريٽري آمريڪي پرڏيهي کاتي جي عهديدار جي آجيان ڪندي چيو ته لاڳيتو ٻطرفا دورا پاڪ??تا?? ۽ آمريڪا جي مثبت رويي جو مظهر آهن. پرڏيهي سيڪريٽري ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻئي مڊ ليول دفاعي ڊائيلاگ ۽ واشنگٽن ۾ ٿيندڙ واپاري ۽ سيڙپڪاري جي فريم ورڪ ايگريمينٽ ڪائونسل جي اجلاس تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن اداراجاتي ڳالهين جي ذريعي واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائي، سلامتي، ماحولياتي تبديلي ۽ صحت جي شعبن ۾ پائيدار تعاون جي اهميت تي زور ڏنو. ڊاڪٽر اسد مجيد خان زراعت، تعليم، آءِ ٽي ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ تعاون کي وڌائڻ جي ضرورت کي پڻ اجاگر ڪيو. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي قونصلر ڊيرڪ شولي چيو ته آمريڪا پاڪ??تا?? سان ٻطرفن لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن 2022ع جي ٻوڏ کانپوءِ بحالي جي لاءِ پاڪ??تا?? ۽ ان جي عوام سان آمريڪي يڪجهتي ۽ ح??اي?? جو اظهار ڪيو. پرڏيهي سيڪريٽري آمريڪي ح??اي?? تي قونصلر جا ٿورا مڃيا ۽ اميد ظاهر ڪئي ته آمريڪا ڊگهي مدي واري بحالي جي ڪوششن ۾ پاڪ??تا?? جي ح??اي?? جاري رکندو. ڊيرڪ شولي سان عالمي ترقي بابت آمريڪي ايجنسي ج?? قونصلر ڪلنٽن وائٽ، پاڪ??تا?? ۾ آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم ۽ آمريڪي پرڏيهي کاتي ۾ ڏکڻ ۽ وچ ايشيائي معاملن جي بيورو جو پرنسپل اسسٽنٽ سيڪريٽري الزبيٿ هورسٽ پڻ موجود هئا.