اسلام آباد– 01 – فيبروري (ا?? پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ پشاور ۾ ده??تگ??دي جي واقعي ۾ شهيد ٿيندڙن جي پونئيرن سان تعزيت ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لا??ِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي ده??تگ??دي جي خاتمي لا??ِ پاڪستان جي ڀرپور حمايت جاري رکڻ ۽ تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب چيني صدر شي جن پنگ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي نالي هڪ تعزيت?? پيغام ۾ چيني حڪومت ۽ عوام پاران پشاور ۾ ده??تگ??دي جي واقعي ۾ شهيد ٿيندڙن جي پونئيرن سان تعزيت ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لا??ِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. چين جي صدر پنهنج?? پيغام ۾ وڌيڪ چ??و آهي ته چين ده??تگ??دي جي خاتمي جي قومي ايڪشن پلان کي فروغ ڏيڻ، سماجي استحڪام کي برقرار رکڻ ۽ عوام جي سلامتي جي تحفظ جي لا??ِ پاڪستان جي ڀرپور حمايت جاري رکندو ۽ خطي ۽ دنيا ۾ امن ۽ سلامتي جي گڏيل تحفظ جي لا??ِ پاڪستان سان ده??تگ??دي جي خاتمي جي تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي لا??ِ تيار آهي. چيني وزيراعظم لي ڪي چيانگ پڻ وزيراعظم محمد شهباز شريف کي پشاور ده??تگ??د حملي ۾ جاني نقصان تي تعزيت?? پيغام ڏنو آهي. يڪجهتي جي اظهار تي وزيراعظم چيني صدر ۽ چيني وزيراعظم جا ٿورا مڃيا آهن.