اسلام آباد– 11 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ريڊيو پاڪستان تي ڪرڪيٽ ڪمنٽري جي بحالي تي پاڪستان جي عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ريڊيو پاڪستان تي سنسني خيز ڪرڪيٽ ڪمنٽري 13 سالن جي وقفي کانپوءِ ??حال ڪئي وئي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ريڊيو پاڪستان سڄي ملڪ ۾ پنهنجي ميڊيم ويو ريڊيو نيٽ ورڪ جي ذريعي آءِ ??ي سي ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي دلڪش ڪوريج، راندين جي سفارتڪاري کي فروغ ۽ نوجوانن ۾ اس??ورٽس مين شپ کي فروغ ڏئي رهيو آهي.