اسلام آباد– 09 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري 9 ۽ 10 نومبر تي سع??دي عرب جو ٻن ڏينهن جو دورو ڪري رهيو آهي. دوري دورا?? پرڏيهي وزير پنهنجي سع??دي هم منصب سان سع??دي پاڪستان سپريم ڪوآرڊينيشن ڪائونسل (ايس پي ايس سي سي) جي سياسي ۽ سلامتي بابت گڏيل ذيلي ڪميٽي جي اجلاس جي گڏيل صدارت ڪن??و. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير پنهنجي دوري دوران جي سي سي جي سيڪريٽري جنرل سان پڻ ملاقات ڪن??و. سرڪاري مصروفيتن کانسواءِ پرڏيهي وزير مقامي ميڊيا ۽ ملڪ جي ٻين معززين سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪن??و. پرڏيهي وزير جي دوري سان سع??دي عرب سان پاڪستان جا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا ۽ گڏيل مفاد ۾ ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي فروغ ملندو.