اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي ??عا??لن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر هڪ ڏينهن جي دوري تي افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل پهچي وئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب افغانستان جي معيشت واري نائب وزير عبداللطيف نظاري ۽ ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي هيڊ آف مشن عبيدالله رحمان ڪابل پهچڻ تي پرڏيهي ??عا??لن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر جي آجيان ڪئي. پرڏيهي ??عا??لن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر دوري دوران افغانستان جي عبوري حڪومت جي پرڏيهي وزير امير خان متقي سان سياسي ??عا??لن تي مشاورت ڪندي. ڳالهه ٻولهه ۾ تعل??م، واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون، علائقائي رابطن، عوامي رابطن ۽ علائقائي سلامتي بابت ??عا??لن سميت ٻطرفن لاڳاپن تي ??ڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. مملڪتي وزير افغانستان ۾ امن کي مضبوط بڻائڻ ۽ خوشحالي کي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل عزم ۽ حمايت کي به ورجائيندي.