نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خميس ڏينهن گڏيل ??ومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ۽ مائيڪرو سافٽ جي باني بل ??يٽس سميت ڪيترن ئي عالمي اڳواڻن سان ملاقات ڪندو. وزيراعظم پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ??ومن جي سيڪريٽريٽ ۾ لڳايل تصويري نمائش جو به دورو ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب گڏيل ??ومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اج??اس جي اعليٰ سطحي مباحثي جي ٽئين ڏينهن وزيراعظم محمد شهباز شريف نيويارڪ ۾ سرگرمين سان ڀرپور هڪ ٻيو ڏينهن گذاريندو. گڏيل ??ومن جي هيڊڪوارٽرز روانگي کان اڳ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بل ??يٽس ملاقات ڪندو. گڏيل ??ومن جي هيڊڪوارٽرز پهچڻ ت?? وزيراعظم، گڏيل ??ومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گوتريس سان ملاقات ۾ ٻطرفن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪندا. بعد ۾ وزيراعظم گڏيل ??ومن جي سيڪريٽريٽ جي لابي ۾ پ??ڪستان مشن پاران پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ جي تباهي کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ لڳايل تصويري نمائش جو دورو ڪندو. ٽنپهرن جو وزيراعظم ايڊٿ ليڊرز ڪو ايسوسيئيٽيڊ پريس جي اي پي ٽي وي (ايسوسيئيٽيڊ پريس اي پي ٽي وي) جي لاءِ انٽرويو ڏيندو. بعد ۾ وزيراعظم پنهنجي جاپاني هم منصب فوميو ڪيشيدا، بيلجيئم جي وزيراعظم اليگزينڊر ڊي ڪرو ۽ ملائيشيا جي وزيراعظم اسماعيل صابري يعقوب سان جدا جدا ملاقاتن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪندو.