نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد ??هب??ز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي اڄ اربع ڏ??نه?? آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر، ورلڊ بئنڪ گروپ جي صدر ۽ ٻين غيرملڪي شخصيتن سان ملاقاتون ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد ??هب??ز شريف جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي ٻئي ڏ??نه?? به مصروف ڏ??نه?? گذاريندو. گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽرز روانگي کان اڳ وزيراعظم محمد ??هب??ز شريف سان آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽا لينا جارجيوا ۽ ورلڊ بئنڪ گرو?? جو صدر ڊيوڊ مالپس ملاقات ڪندو. بعد ۾ وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اعليٰ سطحي مباحثي ۾ شريڪ ٿيندو. وزيراعظم پاڪستان ۾ ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرمين جو جائزو وٺڻ لاءِ زوم ميٽنگ جي به صدارت ڪندو. وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي صدر سابا ڪوروسي ۽ يورپي يونين جي صدر ارسالا وين ڊرلي اين سان جدا جدا ملاقاتون ڪندو. وزيراعظم مصر پاران 27 هين سي او پي ج?? حوالي سان ٿيندڙ سربراهن جي بند ڪمري اجلاس ۾ به شريڪ ٿيندو. وزيراعظم فن لينڊ جي صدر سعولي ننسطو سان ٻطرفن معاملن تي ملاقات ڪندو. شام جو وزيراعظ?? آمريڪا جي صدر جو بائيڊن پاران گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس ج?? حوالي سان ٿيندڙ اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ آمريڪن نيچرل هسٽري ميوزيم ويندو.